رانجهن ماسٽر رانجهن

رانجهن/ ماسٽر رانجهن: مشهور اديب، شاعر، فنڪار، موسيقار رانجهن عرف ماسٽر رانجهن، ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور جو ويٺل هو. تعليم انگريزي ٽي درجا هئس. هيءُ فنڪار، سنگيتڪار ۽ شاعر هو. هن 150 کان وڌيڪ گيت ڪمپوز ڪري ڳايا. سنڌي فلم ’پرديسي پريتم‘ لاءِ قوالي به هن جي آواز ۾ فلمائي وئي. هن ڪيترو وقت سنگيت اسڪول ۾ سنگيت جي سکيا ڏني آهي. سندس شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ’جهولي لال جي جهلڪ‘ شايع ٿي چڪو آهي. ورهاڱي بعد الهاس نگر، هندستان ۾ رهائش پذير ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو